ڏھرڪي (ن س) ڏھرڪي ويجھو ڳوٺ باگو ڀٽو جي رھواسين پنھنجي ئي برادري جي ماڻهن خلاف ايس ايس پي گھوٽڪي جي آفيس اڳيان زخمين کي سمھاري احتجاجي مظاهرو ڪيو آھي، ان موقعي تي اڳواڻن بشير احمد ڀٽو، سعيد احمد، غلام ياسين، نويد احمد، محمد حسين ۽ ٻين چيو ته جوابدار نبي بخش ڀٽو، خدا بخش، اختر علي ابرار علي گلاب علي، نظير احمد ء ٻين پراڻي سڱاوتي تڪرار تان زمين تان واپسي ايندڙ اسان جي ماڻهن مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنھن سبب اسان جا فيض محمد، صغير احمد، شبير احمد سميت چار ماڻهو سخت زخمي ٿي پيا آهن جنھن جي ايف آئي آر به اسان ڏھرڪي ٿاڻي تي داخل ڪرائي آھي، ھنن چيو ته واقعي کي اٺ ڏينھن گذري چڪا آهن پر پوليس اڃان تائين ھڪ بہ جوابدار گرفتار ناهي ڪيو، ھنن وڌيڪ چيو ته جوابدار ڌر جا ماڻھو اڃان اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ھنن ايس ايس پي گھوٽڪي کان مطالبو ڪيو آهي جلد کان جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.










