ڳالهيون هلنديون پر رياست جي رٽ ڪنهن کي به چيلنج ڪرڻ نه ڏبي. شيخ

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)  پاڪستان جي سياسي ۽ فوجي قيادت فيصلو ڪيو آهي ته ٽي ايل پي سان ڳالهيون جو دروازو بند نه ڪبو پر رياست جي رٽ ڪنهن کي چئلينج ڪرڻ نه ڏينداسين. اهڙو فيصلو وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته ٽي ايل پي سان ڳالهيون جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي پر رياست جي رٽ هر صورت ۾ برقرار رکي ويندي ۽ عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ به يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته ٽي ايل پي سان ڳالهين ۽ ٻين معاملن تي وزيراعظم قوم کي اعتماد ۾ وٺندو ۽ هڪ ٻن ڏينهن ۾ هوقوم کي خطاب ڪندو. وفاقي وزير چيو ته پنجاب ۾ ٻن مهينن لاءِ پوليس کي رينجرز جي ماتحت ڪيو ويو آهي ۽ رينجرز کي آرٽيڪل 147 تحت ڪارروائيون ڪرڻ جا اختيار ڏنا ويا آهن. پنجاب حڪومت جتي به چاهي رينجرز کي استعمال ڪري سگهندي. مختلف سوالن جا جواب ڏيندي شيخ رشيد چيو ته اسان انتظار پيا ڪريون ته بندش پيل تنظيم پاران بند ڪيل رستا کوليا ويندا، سعد رضوي سان ڳالهين وارو عمل جاري آهي، معاملا اڃا ڪنهن نتيجي تي نه پهتا آهن. بندش پيل ٽي ايل پي جا واٽس ايپ گروپ ڏکڻ آفريقا، برطانيا ۽ آمريڪا مان هلي رهيا آهن. پاڪستان مان هلندڙ واٽس ايپ گروپس خلاف ايف آءِ اي ڪارروائي ڪري رهي آهي. حڪومت جي رٽ ۽ امن امان جي صورتحال کي هر صورت ۾ قائم رکيو ويندو. اجلاس ۾ ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين سلامتي جي حوالي سان غور ڪيو ويو. ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ دير تائين جاري رهندڙ اجلاس کي ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ڊي جي آءِ بي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ چيو ويو ته فوري نوعيت جو اهم چيلينج پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي لانگ مارچ کي ڊيل ڪرڻ جو آهي. ٽي ايل پي جو لانگ مارچ ريڊ لائن ڪراس ڪندي حڪومتي هدايتن کي نظر انداز ڪندي پوليس تي فائرنگ ڪندي اڳتي وڌي رهيو آهي.

TLP March Guranwala

هيستائين وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد موجب 4 پوليس اهلڪار آءِ ايس آءِ سميت شهيد ٿي چڪا آهن، 70 کان مٿي اهلڪار زخمي آهن جن مان 7 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. گذريل ڏينهن چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو اجلاس ٿيو هو جنهن ۾ ٽنهي هٿيار بند فوجن جي سربراهن شرڪت ڪئي هئي ۽ مشاورت مڪمل ڪئي هئي. وفاقي حڪومت اڳ ۾ ئي ٽي ايل جو فرانس جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ ۽ فرانسيسي سفارتخانو بند ڪرڻ جا مطالبا رد ڪندي رياستي رٽ چيلينج ڪندڙن سان سختي سان منهن ڏيڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي. حڪومت جو چوڻ آهي ته ٽي ايل پي جي ڀارت مان سپورٽ ٿي رهي آهي، هي ناموس رسالت نه پر ذاتي ايجنڊا تي آهن، شيخ رشيد مولانا فضل الرحمان تي ٽي ايل پي حمايت تي مٿس تنقيد به ڪئي هئي. بندش پيل تنظيم 12 ربيع الاول کان پنهنجي احتجاج جو دائرو وڌايو هو ۽ شروعاتي طور ملتان ۽ لاهور ۾ ڌرڻا ڏنا ويا هئا، جڏهن ته بعد ۾ اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. انتظاميا مظاهرين کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ اهم رستا بند ڪري ڇڏيا آهن،

Road Block

مظاهرين جو گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان جي ٽي روڊ تي ڌرڻو جاري آهي. بندش پيل تنظيم جي مارچ ۽ ڌرڻن سبب اسلام آباد ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ زندگي جو ڪار وهنوار متاثر آهي. وفاقي حڪومت پنجاب ۾ رينجرز مقرر ڪري ڇڏي آهي. گجرات، راولپنڊي سميت ڪيترائي شهر بند آهن، ميٽرو سروس معطل آهي، حڪومت مارچ کي روڪڻ لاءِ هڪ پاسي پليون بند ڪيون آهي ته ٻئي پاسي جي ٽي روڊ تي وڏيون اومهيون کڏون کوٽيون آهن.

Road Digging

عوام پريشان آهي. ياد رهي ته 2017 ۾ ٽي ايل پي فيض آباد تي ڌرڻو هنيو هو ۽ جڏهن مسلم ليگ (ن) جي حڪومت سندن خلاف ڪاروائي جو فيصلو ڪيو هو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر ٽوئيٽ ڪئي هئي ته حڪومت ٽي ايل پي خلاف پر تشدد ڪاروائي کان پاسو ڪري. بعد ۾ آءِ ايس آءِ رينجرز جا آفيسرن ڌرڻي وارن سان ڳالهيون ڪري کين هڪ هڪ هزار في ماڻهو ادا ڪري معاهدي بعد ڌرڻو ختم ڪرايو هو. رياست ۽ حڪومت جي مذهبي شدت پسندن بابت پاليسي سدائين ڪنفيوز رهي آهي. هڪ پاسي ٽي ايل پي ڪالعدم تنظيم آهي ٻئي پاسي هو اليڪشن ۾ حصو به وٺندا رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو