ڳالهين ۽ سفارتڪاريءَ آمريڪا کي ايران سان مفاهمت تي مجبور ڪيو: ايران

ڳالهين ۽ سفارتڪاريءَ آمريڪا کي ايران سان مفاهمت تي مجبور ڪيو: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ): ايران جي صدر مسعود پزيشڪيان چيو آهي ته سفارتڪاري ۽ مسلسل ڳالهين آمريڪا کي مجبور ڪيو آهي ته اهو ايران سان سمجهوتو ۽ مفاهيمت اختيار ڪري. معاهدي تائين پهچڻ لاءِ موجوده صورتحال سڀ کان وڌيڪ مناسب ۽ سٺو وقت آهي.تهران ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايراني صدر مسعود پزيشڪيان چيو ته اسلام آباد معاهدي تحت آمريڪا لاءِ ضروري هو ته اهو ايران ۽ عمان پاران گڏيل طور جوڙيل هدايتن تي عمل ڪري، پر آمريڪا ائين نه ڪيو جنهن تي ايران کي متبادل ۽ مناسب ردعمل ڏيڻو پيو.سندس چوڻ هو ته آمريڪا جابر ۽ استعماري حڪومت آهي جنهن بابت ايران جو موقف ۽ اڻٽر روپ تبديل ناهي ٿيو. هن قوم کي خبردار ڪندي چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل کي خبر آهي ته رڳو جنگ ذريعي ايراني قوم کي نٿو جهرڪائي سگهجي، ان ڪري اهي پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ايران اندر قومي نفاق، نااتفاقي ۽ اختلافن کي بطور هٿيار استعمال ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته قومي اتحاد ۽ مزاحمت ئي ملڪي سلامتي جو ضامن آهي.

آبنائي هرمز کولڻ لاءِ ايران آمريڪا آڏو 6 بغير شرطن واريون گهرجون رکي ڇڏيون
ايران پاران بيحد اهم عالمي سمنڊي رستي آبنائي هرمز (Strait of Hormuz) کي مڪمل طور تي کولڻ لاءِ آمريڪا آڏو 6 سخت شرط پيش ڪيا ويا آهن.ايران جي قومي سلامتي ڪائونسل جي سيڪريٽري ذوالقدر بيان جاري ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا رستو کولرائڻ چاهي ٿو ته کيس ايران جون 6 گهرجون مڃڻيون پونديون. انهن شرطن ۾ شامل آهي ته ايران کي ڪڏهن به دھمڪايو نه وڃي، ايراني قوم جي توهين بند ڪئي وڃي، ايران ۽ سندس اتحادين تي مڙهيل جنگ جو دائيمي خاتمو ڪيو وڃي، ايران جي بحري ناڪه بندي ختم ڪري ايراني سرحدن ويجهو آمريڪي فوجن کي هٽايو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته ايران کي پهچايل نقصانن جو بغير ڪنهن ڪٽوتيءَ جي پورو هرجانو ڏنو وڃي، مڙهيل غيرقانوني پابنديون ختم ڪيون وڃن ۽ ايران جا منجمد ٿيل اثاثا فوري طور بحال ڪيا وڃن. سيڪريٽري قومي سلامتي واضح ڪيو ته جيڪڏهن آمريڪا پنهنجو جابرانه رويو نه مٽايو ته آبنائي هرمز ٻيهر نه کولي ويندي، جنگ هجي يا ڳالهيون، ايران پنهنجي ارادن تان پوئتي نه هٽندو.

پهنجو تبصرو موڪليو