لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان نئين چونڊن لاءِ ڳالهين جا دروازا کولي ڇڏيا آهن ۽ چيو آهي ته هو ڳالهين لاءِ تيار آهن پر رڳو چونڊن تي ڳالهه ٿيندي ،.تفصيل موجب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سينيئر صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته هو اليڪشن تي هر ڪنهن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهن، جيڪو به ڳالهائڻ چاهي ٿو ان لاءِ پي ٽي آءِ جا دروازا کليل آهن، اهو رڳو اليڪشن تي ئي ٿي سگهي ٿو.عمران خان چيو ته جيڪي مسلط ڪيا ويا آهن اهي ڊڄن ٿا ته اهي ملڪ جو ڇا ڪندا، مون کي پنهنجي نه پر ملڪ جي پرواهه آهي، اڄ عوام جن مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي ان لاءِ آواز اٿاري رهيو آهيان.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته مان پنهنجي فوج کي ڪڏهن به ڪمزور نٿو ڏسي سگهان، آرمي چيف جي مقرري ڪڏهن به منهنجو مسئلو ناهي رهيو، ڳالهين لاءِ منهنجو دروازو هميشه کليل آهي.هن وڌيڪ چيو ته سرحدن تي ڊيوٽي ڪندڙ جوان منهنجي ٻارن وانگر آهن، معيشت ۽ ملڪ جي هر بحران جو بهترين حل چونڊون آهن.










