گھرن جي تقسيم، منصوبو بلاول جي ويزن ۽ سوچ جو نتيجو قرار

گھرن جي تقسيم، منصوبو بلاول جي ويزن ۽ سوچ جو نتيجو قرار

نوابشاھ (ن س) خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته اڄ اسان سڀني لاءِ فخر جو ڏينهن آهي، گهر جي مالڪي جا حق صرف ڪاغذ جو ٽڪرو نه آهن، پر توهان جي مستقبل جي حفاظت آهن. نوابشاهه، شهيد بينظير آباد ۾ سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ ايفيڪٽس پروجيڪٽ تحت مالڪي جي حقن جي ورهاست جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ حڪومت جي تحت ايس پي ايف ايڇ منصوبي تحت 21 لک گهر تعمير ڪيا پيا وڃن، ۽ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته هر گهر جي زمين ان گهر جي عورت جي نالي تي رکي پئي وڃي. بي بي آصفه ڀٽو چيو ته هي صرف هڪ گهر ناهي، پر توهان لاءِ اختيار، عزت ۽ سلامتي جي علامت آهي، نه رڳو توهان لاءِ پر توهان جي ٻارن لاءِ پڻ آهي بي بي آصفه ڀٽو وڌيڪ چيو ته هن منصوبي کي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي محنت، ويزن ۽ عوامي سوچ جو نتيجو قرار ڏيندي چيو ته اڄ تائين ڪنهن ٻئي صوبي يا ڪنهن ٻئي سياسي پارٽي اهڙو وڏو ۽ عوام دوست قدم نه کنيو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي واعدي جو حوالو ڏيندي بي بي آصفه چيو ته هي اهو واعدو هو جيڪو شهيد ڀٽو عوام سان ڪيو هو ته هر شهري کي زمين، پناهه ۽ عزت ڏني ويندي. اڄ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اهو واعدو پورو ڪري رهيو آهي. هن چيو ته انشاءَ الله توهان به محفوظ رهندا ۽ توهان جون ايندڙ نسلون به عزت ۽ وقار سان رهنديون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو