گڙدن ۽ آنڊن جي بيماري مبتلا نينگري بستر تي پيل، علاج جي اپيل

گڙدن ۽ آنڊن جي بيماري مبتلا نينگري بستر تي پيل، علاج جي اپيل

ٽنڊو غلام حيدر(مير حسن رند) ڳوٺ جمن مگسي جي 10 ورھين جي فاطمه ڌي مرحوم علڻ مگسي ھڪ سال کان بيماري جي بستري تي زير علاج آھي کيس گڙدن ۽ آنڊي جي بيماري آھي. جڏهن ته فاطمه جو والد علڻ 6 مھينا اڳ ڪينسر جي بيماري ۾ فوت ٿي ويو آھي هن وقت وٽن ايترا وسائل ئي ناھن جو مسڪين نياڻي فاطمه اسپتالن جا ڳرا خرچ ڀري سگھي جنھن ڪارڻ ھي بيوس معصوم نياڻي پنھنجي زندگي جا اذيتناڪ ڏينھن گھارڻ تي مجبور آھي. ھن وقت سندن مامو منٺار مگسي کين سنڀالي ٿو جيڪو پاڻ مزدور ماڻھو آھي ۽ هُو پنھنجن ئي ٻچڙن جي به الائي ڪيئن ٿو پوري ڪري.سندس مامي علائقي جي ايم پي اي ايم ، ايم اين اي ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته سندس ڀاڻيجي فاطمه جو سرڪار جي ڪنھن خصوصي فنڊ مان علاج ڪرايو وڃي ته جيئن فاطمه جي جان بچي سگھي ۽ فاطمه به ٻين جيان پنھنجي زندگي خوشي خوشي بسر ڪري سگھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو