گڏيل قومن ۽ چين پاران هڪ ڪرڙ 35 لک ڊالر جي امداد جو اعلان

گڏيل قومن ۽ چين پاران هڪ ڪرڙ 35 لک ڊالر جي امداد جو اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ٻوڏ ۽ برساتن سبب ٿيندڙ غيرمعمولي آفتن جو شڪار آهي، اهڙي صورتحال ۾ گڏيل قومن ٻوڏ متاثرن لاءِ 30 لک ڊالر امداد جو اعلان ڪيو آهي. عالمي امدادي ادارن پاران پڻ وزيراعظم امدادي فنڊ ۾ رقم جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي. چين جي انٽر پرائيزرز ايسوسيئيشن هڪ ڪروڙ 5 لک ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. رپورٽ موجب گڏيل قومن جي سينٽرل ايمرجنسي فنڊ (سي اي آر ايف) ٻوڏ سان منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ايجنسين ۽ ڀائيوارن لاءِ 30 ملين ڊالرز مختص ڪيا آهن. گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته اها رقم ٻوڏ متاثر علائقن ۾ صحت، غذائيت ۽ خوراڪ جي تحفظ لاءِ استعمال ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو