گڏيل قومن پاران ايران تي پابندين واري آمريڪي تجويز رد

گڏيل قومن پاران ايران تي پابندين واري آمريڪي تجويز رد

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) آمريڪا پاران ايران تي ٻيهر اقتصادي پابنديون لڳائڻ واري تجويز جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اڪثريت رد ڪري ڇڏي آهي. 15 ملڪن مان 13 ملڪن پابندين جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته جنهن ايٽمي ڊيل مان آمريڪا پاڻ 2 سال اڳ ۾ نڪري ويو ۽ ختم ڪري ڇڏي ان بابت ٻيهر پابنديون غير قانوني آهن. آمريڪي پرڏيهي وزي مائيڪ پومپيو گذريل ڏينهن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي خط لکي پابنديون بحال ڪرڻ جو چيو هو. سفارتي طور اهو آمريڪا لاءِ وڏو ڌچڪو آهي. فرانس، جرمني، روس، بيلجيم، برطانيا، ويٽنام، نائجر، تنزانيا، ڏکڻ آفريڪا ۽ انڊونيشيا پابندين جي مخالفت ڪئي آهي. آمريڪا چيو هو ته جيڪڏهن گڏيل قومن پابندين جي مخالفت ڪئي ته هو پان سخت قدم کڻندو.

پهنجو تبصرو موڪليو