سلامتي ڪائونسل پاران اسرائيلي منصوبي تي مايوسي جو اظهار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل والاريل فلسطيني زمينن ۾ آبادين کي قانوني شڪل ڏيڻ جي اسرائيلي منصوبي تي مايوسي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪا سميت سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن هڪ متفقه بيان ۾ چيو آهي ته اهڙا قدم امن جي راهه ۾ رڪاوٽ پيدا ڪن ٿا.گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو چوڻ آهي ته اسرائيلي آباديون ٻه رياستي حل لاءِ خطرو آهن.ٻئي طرف اسرائيل سلامتي ڪائونسل جي بيان کي هڪ طرفو قرار ڏيندي مذمت ڪئي آهي.اسرائيلي وزيراعظم چيو آهي ته ائين نه ٿيڻ گهرجي ها، آمريڪا کي ڪڏهن به ملوث نه ٿيڻ گهرجي ها.

پهنجو تبصرو موڪليو