گڏيل قومن جي اجلاس ۾ چين جي آمريڪا تي سخت تنقيد

گڏيل قومن جي اجلاس ۾ چين جي آمريڪا تي سخت تنقيد

نيو يارڪ(ويب ديسڪ) گڏيل قومي جي گورننس بابت ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي چين جي سفير زانگ جُن آمريڪا تي سخت تنقيد ڪئي آهي. هن چيو ته بس هاڻي گهڻو ٿيو. آمريڪا دنيا جي وڏي طاقت آهي ته ان کي وڏي طاقت وارو سلوڪ به ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اڄ آمريڪا پنهنجي غلط پاليسين سبب دنيا ۾ اڪيلو ٿيندو پيو وڃي ۽ سندن لاءِ اکيون کولڻ جو وقت آهي. هن چيو ته دنيا جي جديد طبي ٽيڪنالوجي باوجود آمريڪا ۾ 70 لک ماڻهو ڪورونا جا مريض بڻيا ۽ 2 لک کان مٿي مري ويا، جنهن جي ذميواري چند سياستدانن تي آهي. روس جي سفير به جذباتي انداز ۾ چين جي حمايت ڪئي. اجلاس ۾ موجود آمريڪي سفير ڪيلي ڪرافٽ تنقيد رد ڪندي چيو ته هي شرم جو مقام آهي. مونکي اجلاس جي اڄوڪي ڪاروائي کان نفرت آهي. ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خطاب ڪندي ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ جو ذميوار چين کي قرار ڏيندي عالمي برادري تي سندن احتساب لاءِ زور ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو