گڏيل عرب امارات 2 ارب ڊالر رول اوور ڪري ڇڏيا، ڊار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ابوظهبي فنڊ فار ڊولپمينٽ (ADFD) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (SBP) وٽ رکيل 2 بلين ڊالر جي رقم رول اوور ڪري ڇڏي آهي. اها رقم پاڪستان کي جنوري ۽ فربروري ۾ واپس ڪرڻي هئي. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار اربع تي تصديق ڪئي ۽ رات دير سان هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ”ابو ظهبي فنڊ فار ڊولپمينٽ (ADFD) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان وٽ 2 بلين ڊالرز جي جيڪا رقم رکيل آهي اها رولا وور ڪري ڇڏي آهي. هن اهو ناهي ٻڌايو ته هاڻي اها رقم ڪڏهن واپس ڪرڻي پوندي يا ڪيتري عرصي تائين اها رول اوور ڪئي آهي. ياد رهي ته گذريل هفتي وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارات جو دورو ڪيو هو جنهن بعد اهو اعلان سامهون آيو هو ته 2 ارب ڊالر رول اور ڪرڻ کانسواءِ هڪ ارب ڊال جو نئون قرض به ڏنو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو