اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان پاڪستان ۾ جمهوريت جي مضبوطي ۽ ان کي هٿي ڏيڻ جو ارادو ظاهر ڪريون ٿا.شهباز شريف جمهوريت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته حڪومت طرفان آئيني اقدار جي پاسداري، جمهوريت، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جي تحفظ جو عزم غير متزلزل آهي.وزيراعظم چيو ته جمهوري قدمن تي عمل ڪرڻ اسان جي قومي طرز عمل جي عڪاسي ڪري ٿو. منصفانه، مساوي ۽ جامع عالمي معاشري لاءِ جي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جو ارادو ڪريون ٿا. گڏيل تعاون سان ئي اسان جمهوريت جي بنيادن کي مضبوط ڪري سگهون ٿا.










