خانپورمھر(آفتاب سيال ) خانڳڙھ ۾ گڏاڻي بوزدار خوني جھيڙي جو نبيرو، ٻنھي ڌرين جا ھڪ ٻي تي ٻن ٻارڙن سميت ست خون ۽ ست زخمي ثابت، ڌرين تي سوا 87 لک ڏنڊ مقرر، ڌريون کير کنڊ، تفصيل موجب، گھوٽڪي ضلعي ۾ موٽر سائيڪل ڦر تان 12 سال اڳ شروع ٿيل گڏاڻي برادري ۽ بوزدار برادري جي خوني تڪرار جو نبيرو رات گوھر پئلس خانڳڙھ ۾ عبدالرحيم خان گبول ۽ ڊسٽرڪٽ چيئرمين حاجي خان جي سرپئنچي ۾ نبيرو ٿيو جنھن ۾ سردار رحيم بخش بوزدار، سردار خيرمحمد گڏاڻي بادشاھ خان گڏاڻي سميت ٻنھي برادرين جي ڌرين جا ماڻھو ۽ چنڱا مڙس شريڪ ٿيا ان موقعي تي گڏاڻين مٿان بوزدارن جا ٻن ٻارڙن سميت چار خون ۽ ٽي زخمي ثابت ٿيا جن ۾ مقتول ميھر بوزدار، مقتول سڪندر بوزدار، مقتول ٻارڙا فرحان بوزدار ۽ سرھاڻ بوزدار شامل آھن زخمين ۾ مختيار بوزدار، نظام دين بوزدار ۽ زبردست بوزدار شامل آھن ھوڏانھن بوزدار ڌر مٿان گڏاڻين جا ٽي خون ۽ ٻارڙي سميت چار زخمي ثابت ٿيا جن ۾ مقتول منظور احمد گڏاڻي، مقتول احسان احمد گڏاڻي ۽ مقتول خالد احمد گڏاڻي شامل آھن ۽ زخمين ۾ شريف گڏاڻي، سڪندر گڏاڻي، طالب حسين گڏاڻي ۽ ٻارڙو گل حسن گڏاڻي شامل آھن ٻنھي ڌرين تي ٽوٽل ڏنڊ 87 لک 25 ھزار مقرر ڪيو ويو بوزدارن جو گڏاڻين مٿان 47 لک 25 ھزار روپيا مقرر ڪيو ويو في خون جو ڏنڊ 10 لک مقرر ڪيو ويو ۽ زخمين جا مختلف ڏنڊ مقرر ڪيا ويا ان حساب سان گڏاڻين مٿان بوزدارن جي 4 خونن جا 40 لک ۽ ٽن زخمين مان ٻن زخمين جو ھڪ ھڪ لک ۽ ھڪ زخمي جو پنج لک 25 ھزار ڏنڊ وڌو ويو. جڏھن ته بوزدارن مٿان گڏاڻين جو 37 لک ڏنڊ پيو، ٽن خونن جو 30 لک ۽ چار زخمين مان ٽن جو ٻه ٻه لک ۽ ھڪ زخمي جو ھڪ لک ڏنڊ وڌو ويو، خونن کي خون سان ڪٽي باقي بچيل 10 لک 25 ھزار روپيا گڏاڻي بوزدارن کي ادا ڪندا، جيڪي روڪ ڏنا ويندا جنھن بعد ڌريون ٺھي ويون ۽ گڏاڻي بوزدار خوني تڪرار نبري ويو










