سکر(امداد علي ڪلوڙ ) نيو پنڊ ٿاڻي جي حد اندر گڏاڻي چوڪ جي ڀوسا لائين واري علائقي ۾ پراڻي دشمني سبب گڏاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، انڌاڌند فائرنگ جي نتيجي ۾ ڳوليون لڳڻ ڪري انور گڏاڻي،شوڪت گڏاڻي زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور اسپتال پھچايو ويو جتي ھو زخمن جا سور نه سھندي اسپتال ۾ پھچڻ وقت فوت ٿي ويا. فوتين جا وارث وڏي انگ ۾ واقعي واري ھنڌ پھچي ويا فوتين چي گھرن اندر ڪھرام مچي ويو. لاش سول اسپتال سکر ۾ ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. هوڏانهن هٿياربند فائرنگ ڪندا آساني سان فرار ٿي ويا جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگھيو آھي.










