سکر ( ن سنڌيار) گڊو ۽ سکر بيراج تي پاڻي وھڪرن ۾ لاٿ اچي رهي آهي جڏهن ته ڪوٽڙي تي وڏي ٻوڏ برقرار آهي. ڪوٽڙي بئراج تي مسلسل چاڙھ سبب دٻاءُ وڌي رهي آهي. گڊو بيراج وٽ مٿاھون وھڪرو ھڪ لک 93 ھزار 300 ڪيوسڪ جڏهن ته ھيٺاھون وھڪرو ھڪ لک 85 ھزار 835ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. سکر بئراج تي مٿاھون ۽ ھيٺاھون وھڪرو 2 لک 73 ھزار 416ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو آهي ٻئي پاسي ڪوٽڙي بيراج تي پاڻي وھڪرا وڌڻ بعد ڪوٽڙي بيراج تي مٿاھون وھڪرو 6 لک 40 ھزار 147ڪيوسڪ جڏهن ته ھيٺاھون وھڪرو 5 لک 83 ھزار 882ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو آهي.










