گڊو جي پريمي جوڙي جي تحفظ لاء آءِ جي سنڌ کي اپيل

ڪنڌڪوٽ (ڊ ر) گڊو جو پريمي جوڙو ريحانا ميراڻي ء ارشاد شيخ تحفظ لاء ميڊيا سينٽر ڪنڌڪوٽ پهتا. صحافين آڏو  دانهيندي ريحانا ميراڻي چيو ته چار مهينا اڳ رحيم يار خان جي عدالت ۾ شادي ڪئي، جنهن بعد منهنجي مائٽن اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته منهنجا مائٽ مون کي ۽ منهنجي مڙس کي ڪارنهن جي الزام ۾ قتل ڪرڻ جي سازش ڪري رهيا آهن اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. جڏهن ته ارشاد شيخ دانهيندي ٻڌايو ته منهنجي گهر تي منهنجي گهرواري جي مائٽن قبضو ڪيو آهي اسان جي اعلي عدالت۽ آءِ جي سنڌ پوليس کي اپيل آهي ته اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو