ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صوبائي مانيٽرنگ سيل ڏينهن رات سرگرم عمل آهي ۽ هر معاملي جي لڳاتار نگراني ڪئي پئي وڃي. گڊو بئراج تي پاڻي جي آمد ٽي لک ٻاويهه هزار ست سئو ستر (322,770) ڪيوسڪ ۽ اخراج ٽي لک پنجانوَي هزار ٻه سئو اٺ (395,208) ڪيوسڪ آهي. پنجاب کان پاڻي جي آمد ۾ اڃا ٽي ڏينهن لڳڻ جو امڪان آهي ۽ اُتي کان اميد کان گهٽ پاڻي پهچي رهيو آهي. ان کان علاوه ڀارت طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر پنج لک ڪيوسڪ پاڻيءَ جو ريلو پاڪستان ڏانهن ڇڏيو ويو آهي. صوبائي رين اينڊ فلڊ ايمرجنسي مانيٽرنگ سيل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ڪيترائي عملي قدم کنيا آهن. صرف گذريل چوويهه ڪلاڪن دوران اٺاويهه هزار نَو سَو چاليهه (28,940) ماڻهن کي امڪاني متاثر علائقن مان منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مجموعي طور چُورانوَي هزار ست سَو پنجانوَي (94,795) ماڻهن کي ڪچي جي علائقي مان محفوظ هنڌن ڏانهن پهچايو ويو آهي. وزير، ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر عملي طور تي ميدان موجود آهن ۽ عوام جي محفوظ منتقلي کي يقيني بڻائي رهيا آهن. اعلانن وسيلي رهواسين کي هدايت ڪئي پئي وڃي ته امڪاني ٻوڏ جي پيش نظر محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي وڃن. هن چيو ته چويهه لک چونجاھ هزار چوپايو مال منتقل ڪيو ويو آهي، جن مان ٽن لک اَٺاويهه هزار چار سَو ٽيهه تر (328,473) کي محفوظ جڳهن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. وڌيڪ ڇهه لک کان وڌيڪ چوپائي مال کي بيمارين کان بچاءَ لاءِ ويڪسين ڏني وئي آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هر کاتو هن وقت چاق و چوبند آهي ۽ سنڌ جو وڏو وزير ذاتي طور هر معاملي جي نگراني ڪري رهيو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري جي خاص هدايتن تي پيپلز پارٽي جا ڪارڪن به حڪومت سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪري رهيو آهي. حڪومت جي پهرين ترجيح انساني جانيون ۽ مال مويشي بچائڻ آهي. هن ٻڌايو ته پنج سَو (500) رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن، جيڪي مڪمل طور تي فعال آهن ۽ انهن ۾ سڀئي بنيادي سهولتون موجود آهن. پي ڊي ايم اي پاران ٻيڙين سميت سڀ ضروري سامان پڻ فراهم ڪيو ويو آهي. وڌيڪ اهو به ٻڌايو ته پي ڊي ايم اي هڪ ڊيش بورڊ تيار ڪيو آهي، جنهن ۾ هر رليف ڪيمپ جو مڪمل اندراج سميت ڪوآرڊينيٽس موجود آهن، ۽ عوام جي سهولت لاءِ رابطا نمبر به ڏنا ويا آهن. سوالن جي جواب ۾ هن چيو ته “سپر فلڊ” بابت هن وقت ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ آهي، ڇوتہ حالتون هر ڏينهن تبديل ٿي رهيون آهن. في الحال ڪنهن به ڪَٽ جي ضرورت ناهي. هن چيو ته عام طور تي ڪچي جا رهواسي ٻوڏ جي صورت ۾ پاڻ مرادو لڏ پلاڻ ڪندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ٻوڏ جي پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ جو تصور گهٽ ڪيو ويندو آهي، عام طور تي پاڻي کي ان جي قدرتي وهڪري سان رهڻ ڏنو ويندو آهي. سپر فلڊ جي صورت ۾ پاڻي روڪڻ جي ڪوشش مناسب نه ٿيندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڻيءَ جا انگ اکر هر لمحي تبديل ٿي رهيا آهن، تنهنڪري ڪا حتمي ڳالهه چوڻ ممڪن ناهي. سنڌ ۽ پنجاب جا آبپاشي وزير لڳاتار رابطي ۾ آهن. ڀارت بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت جي نيت ڪڏهن به پاڪستان لاءِ نيڪ نه رهي آهي. هو هميشه جارحيت تي مائل رهيو آهي ۽ اڄ به آبي جارحيت جاري رکي ٿي. اسان کي هر رخ کان پنهنجي تياري مڪمل رکڻي پوندي. هن چيو ته ڊيم سوچ سمجهي ٺهندا آهن. بدلجندڙ عالمي حالتن جي پيش نظر اسان کي ڊگهي مدي واري منصوبابندي ڪرڻي پوندي. ماهرن موجب ايندڙ سال ويهه سيڪڙو وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي، گليشيئرز وڌيڪ تيزي سان ڳرندا ۽ ايندڙ پنجن سالن ۾ ٻوڏن ۾ شدت جو خدشو آهي، جنهن کانپوءِ پنج سال خشڪ سالي به ممڪن آهي. هن چيو ته پاڻي هڪ قيمتي نعمت آهي، جنهن لاءِ بهتر منصوبابندي لازمي آهي. اسان کي سياست کان مٿانهون ٿي قومي يڪجهتي سان سوچڻو پوندو. ٻوڏ پنجاب، گلگت بلتستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي. هن مشڪل گهڙي ۾ اسان کي گڏجي خدمتِ خلق کي ترجيح ڏيڻي پوندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ماحولياتي تبديلي جا اثر پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي رهيا آهن. اونهاري ۽ سياري جا موسم پنهنجن وقتن کان اڳ شروع ٿيڻ جون اڳڪٿيون ڪيون پيون وڃن، جنهن سبب ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۾ تبديلي ايندي. ڊيلٽا لاءِ پاڻيءَ جي فراهمي ضروري آهي، ٻي صورت ۾ آبي حيات کي خطرا لاحق ٿي وڃن ٿا، سمنڊ زمين کي کائي ٿو ۽ زرعي زمينون متاثر ٿين ٿيون.










