گڊز ٽرانسپورٽرز پاران هڙتال 40 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ جو اعلان

گڊز ٽرانسپورٽرز پاران هڙتال 40 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر)گورنر هائوس سنڌ ۾ حڪومتي نمائندن ۽ ٽرانسپورٽرز وچ ۾ مذاڪرات کانپوءِ گڊز ٽرانسپورٽرز 9 ڏينهن کان جاري هڙتال 40 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.گڊز ٽرانسپورٽرز جي اڳواڻ ملڪ شهزاد چيو آهي ته کين اميد آهي ته يقين دهانين ۽ وعدن تي عمل ڪيو ويندو، هو هڙتال ختم نه پر ملتوي ڪري رهيا آهن.ڪراچيءَ ۾ ٽرانسپورٽرز ۽ حڪومتي نمائندن وچ ۾ مذاڪرات کانپوءِ پريس ڪانفرنس ۾ گورنر سنڌ نهال هاشمي، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، مواصلات وارو وزير عبدالعليم خان ۽ آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽرز جو صدر ملڪ شهزاد پڻ موجود هئا.گورنر سنڌ نهال هاشميءَ جو چوڻ هو ته خطي جي صورتحال غير معمولي آهي، اهڙي وقت ۾ مڪو معاهدو ٿيو، آڪسي اثر صرف پاڪستان نه پر سڄي دنيا ۾ آهن. وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل ڪوشش ڪري رهيا آهن ته بهتر اثر عوام تائين پهچن، حڪومت ۽ ٽرانسپورٽرز هڪ ٻئي کي ٻڌو ۽ ٻئي متفق آهن ته ملڪ لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن.وفاقي وزير عبدالعليم خان جو چوڻ هو ته ٽرانسپورٽرز جا جيڪي مسئلا حل طلب هئا اهي حل ڪيا ويا آهن، ڪجھ مطالبن لاءِ رسمي ڪارروايون آهن جيڪي پوريون ڪيون وينديون.ملڪ شهزاد چيو ته اسان جي طرفان نو ڏينهن کان ملڪ گير هڙتال هلي رهي هئي، سنڌ حڪومت يقين دهاني ڪرائي آهي ته پارڪنگ جو مسئلو حل ڪيو ويندو. 15 ڏينهن جو وقت ورتو ويو آهي ته پيٽروليم قيمتن جو تعين 15 ڏينهن يا هڪ مهيني بعد ڪيو ويندو.عليم خان ٽول ٽئڪس ۾ ڪميءَ بابت ڪميٽي جوڙڻ ۽ نظرثانيءَ جي يقين دهاني ڪرائي آهي. 10 ويلر کي مناسب وزن کڻڻ جي اجازت ڏيڻ جي به يقين دهاني ڪرائي وئي آهي.هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ڪجهه مسئلا حل ڪري ڇڏيا آهن، ڪجهه مسئلا ڪابينه وٽان حل ٿيڻا آهن، جن جي به يقين دهاني ڪرائي وئي آهي. ڪميٽين جا اجلاس جاري رهندا، حڪومتي يقين دهانيءَ بعد هڙتال 40 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.هن جو چوڻ هو ته اميد آهي يقين دهانين ۽ وعدن تي عمل ڪيو ويندو، اسان هڙتال ختم نه پر ملتوي ڪري رهيا آهيون، يقين دهانيءَ تي عمل نه ٿيو ته ٻيهر احتجاج رڪارڊ ڪرائي سگهون ٿا.ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته اڄ اسان سڄو ڏينهن معاملا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهياسين، جيڪي شيون سنڌ حڪومت ڪرڻيون آهن اهي اسان ڪنداسين، ڪوشش آهي ته ڳالهين ذريعي مسئلن کي حل ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو