گيلاني پاران پيڪا آرڊيننس کي چيلينج ڪرڻ جو اعلان

گيلاني پاران پيڪا آرڊيننس کي چيلينج ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي يوسف رضا گيلاني پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائمز (پيڪا) قانون ۾ ترميم واري صدارتي آرڊيننس کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. يوسف رضا گيلاني چيو ته هو پيڪا قانون کي رد ڪري ٿو، 17 فيبروري تي سينيٽ جو اجلاس ٿيو ۽ 18 فيبروري تي آرڊيننس پيش ڪيو، اهي قانون ٺاهي مخالفن ۽ ميڊيا کي خوفزده ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته ڊريڪونين قانون ٺاهي ميڊيا تي پابنديون لاڳو ڪرڻ چاهين ٿا، جيڪو قانون لاڳو ڪرڻ وارن تي ئي لاڳو نه هوندو. واضح رهي ته پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائمز ايڪٽ ترميمي آرڊيننس تحت ڄاڻي واڻي ڪوڙي خبر پکيڙڻ، ڄاڻ جي باوجود غلط معلومات پکيڙڻ، ڪنهن شخص جي شهرت يا پرائيويسي کي نقصان پهچائڻ تي وڌ ۾ وڌ 5 سال قيد ۽ 10 لک ڏنڊ جي سزا هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو