اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد، پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ به سينيٽ چونڊن لاءِ اُميدوارن طرفان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري، پي ڊي ايم جي گڏيل اميدوار يوسف رضا گيلاني جي ملتان کان اسلام آباد ووٽ منتقلي واري درخواست منظور، نواز ليگ سينيٽ چوندن لاءِ اسلام آباد ۾ تجويز ڪيل اُميدوار يوسف رضا گيلاني جِي حمايت ڪري ڇڏي، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ راجا پرويز اشرف يوسف رضا گيلاني سان گڏ ڪميشن پهتا ۽ سندس نامزدگي فارم جمع ڪرايا.اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جَي حفيظ شيخ ۽ فوزيه ارشد نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا، وفاقي وزير شبلي فراز ۽ پي ڊي ايم جي گڏيل اُميدوار فرحت الله بابر پشاور ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا، بلوچستان ۾ جي يو آءِ طرفان نامزد اُميدوارن به نامزدگي فارمز جمع ڪرائي ڇڏيا، ڪوئيٽا ۾ مولانا غفور حيدري، ڪامران مرتضيٰ، خليل بليدي، هيمن داس ۽ آسيه ناصر طرفان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا. گيلاني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسين پيسي جي زور تي نه پر تعلقات جي بنياد تي اليڪشن وڙهندا آهيون. مان تاريخ جو متفقه وزيراعظم رهيو آهيان، پي ڊي ايم جو شڪر گذار آهيان جن متفقه اميدوار نامزد ڪيو.










