گيس هيٽر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، 5 گهر ڀاتي زخمي

محرابپور(مجاهد سامٽيو) سيءُ گهٽائڻ لاءِ ٻاريل گيس جو هيٽر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو جنهن سبب هڪ ئي خاندان جا 5 ڀاتي مجاهد ڪمبوهه، سندس زال ۽ ٻارڙا مناهل، ماهور ۽ شاهزل سخت زخمي ٿي پيا جنهن کي فوري طور محرابپور اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جتي زخمين جي حالت نازڪ هجڻ ڪري کين نوابشاهه اسپتال ريفر ڪيو ويو. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي جن ٻڌايو ته ڌماڪو ڪمري ۾ گئس ڀرجڻ سبب پيش آيو. گيس هيٽر جو ڌماڪو ايترو شديد هيو جو پاڙي وارن ۾ به خوف هراس ڇانئجي ويو ۽ ڪمري جي ڇت کي به وڏو نقصان پهتو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو