اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گيس سيڪٽر جي گردشي قري (سرڪيوليٽري ڊيٽ) جي سيٽلمينٽ (نبرائي) لاءِ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) نيون شرطون پيش ڪري ڇڏيون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو آهي ته ٻنهي سرڪاري گيس ڪمپنين جي نقصانن کي باضابطا طور تي اڪائونٽس ۾ بوڪ ڪيو وڃي، جڏهن ته ڪمپنين جي اهڙي رقم به نقصان قرار ڏني وڃي جنهن جي وصولي هاڻي ممڪن ناهي رهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف تجويز ڏني آهي ته نقصانن کي بوڪ ڪرڻ کانپوءِ گيس ڪمپنين کي ٻيهر ري ڪيپيٽلائز ڪيو وڃي ته جيئن سندن مالي پوزيشن بهتر بڻائي سگهجي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جي ان شرط تي عمل ٿيڻ جي صورت ۾ گيس ڪمپنين جي شيئرز جي قيمت ۾ لاٿ جو خطرو آهي، جنهن ڪري پيٽروليم ڊويزن جا اختيارين اهي شرطون قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. ذريعن موجب هن وقت گيس سيڪٽر جو مجموعي گردشي قرو تقريبن 3 هزار 300 ارب رپين تائين پهچي چڪو آهي، جڏهن ته تجويز ڪيل سيٽلمينٽ پلان تحت مجموعي طور تي هڪ هزار 700 ارب رپين جي گردشي قري کي ختم ڪرڻ جي تجويز زير غور آهي. ذريعن ٻڌايو ته تازو ئي ٿيل ورچوئل ڳالهين ۾ گيس سيڪٽر جي گردشي قري جي سيٽلمينٽ پلان تي حتمي اتفاق نه ٿي سگهيو، هاڻي ان معاملي تي سيپٽمبر ۾ ٻيهر ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ايندڙ وقت ۾ تيار ٿيندڙ سيٽلمينٽ پلان آءِ ايم ايف جي تجويزن مطابق ترتيب ڏنو ويندو.










