ٽنڊوباگو(ن سنڌيار) ٽنڊوباگو ۽ ڀرپاسي وارن ڳوٺن گيسٽرو جي مرض وڌي ويو، ٽنڊوباگو جي مختلف اسپتالن ۾ 65 ڄڻا داخل. خبر موجب ٽنڊوباگو ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ گيسٽرو جي مرض ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي. ٽنڊوباگو جي تعلقه اسپتال ۾ 5 معصوم ٻارڙن سان گڏ 25 گيسٽرو جا مريض داخل ڪيا ويا آهن. جڏهن ته شهر جي مختلف اسپتالن ۾ 40 کان وڌيڪ گيسٽرو جا مريض داخل ڪيا ويا آهن. اڄوڪي ڏينهن ۾ ٽنڊوباگو جي اسپتالن ۾ 65 گيسٽرو جا مريض داخل ڪيا ويا آهن. تعلقه اسپتال ٽنڊوباگو ۾ داخل گيسٽرو جي مريضن ۾ عبدالرحمان، سوني، عنايا، زينت، حاڪم علي، عثمان، حسين ملاح، يامين، عثمان، خاصخيلي، ابراهيم، اسلم، ڪرڙ، ذوهيب، سومار، اسلم خان، خدا بخش، نور محمد، عبدالسلام، علي حسن، شريف، عبدالحسين، غلام مصطفي، عرس، سچو شامل آهن.










