گوگل ڪروم اپ ڊيٽ ڪريو، خاميون دور

گوگل ڪروم اپ ڊيٽ ڪريو، خاميون دور

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گوگل ڪروم صارفين کي چيو آهي ته پراڻو ورشن اپ ڊيٽ ڪريو ڇو ته ان ۾ 3 سيڪورٽي جون خاميون هيون جن کي ٺيڪ ڪيو ويو آهي. گوگل موجب 80.0.3987.122 جو نئون ورشن جاري ڪيو ويو آهي جيڪو ونڊوز، ميڪ ۽ لينڪس صارفين لاءِ آهي. جڏهن ته ايندرائڊ ۽ آءِ او ايس لاءِ في الحال اپ ڊيٽڊ ورشن دستياب ناهي. ڪروم کي اپ ڊيٽ ڪرڻ لاءِ ٽن ٽٻڪن تي ڪلڪ ڪري سيٽنگ ۾ وڃو، جتي اپ ڊيٽ جو آپشن هوندو يا ورشن  نمبر تي ڪلڪ ڪري ان کي اپ ڊيٽ ڪري سگهجي ٿو. گوگل ڪروم جي پراني ورشن م خرابي جي نشاندهي برگل نالي همراهه ڪئي جنهن کي گوگل 5 هزار ڊالر انعام به ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو