گوگل ميپس ۾ لائيو اپڊيٽ جو فيچر متعارف

گوگل ميپس ۾ لائيو اپڊيٽ جو فيچر متعارف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)گهڻن ماڻهن لاءِ گوگل ميپس هاڻي زندگيءَ جو هڪ لازمي حصو بڻجي ويو آهي. هاڻي گوگل جو هي نيويگيشن ٽول اينڊرائيڊ 16 آپريٽنگ سسٽم ۾ وڌيڪ ڪارائتو ٿيڻ وارو آهي. نئين اينڊرائيڊ آپريٽنگ سسٽم ۾ گوگل ميپس هڪ نئون فيچر لائيو اپ ڊيٽس سان ليس هوندو. لائيو اپ ڊيٽس گوگل ميپس ۾ هڪ نئين قسم جو نوٽيفڪيشن آهي جيڪو مخصوص حالتن ۾ استعمال ڪري سگهبي. جيئن ته جيڪڏهن توهان فلائيٽ ٽريڪنگ ڪرڻ چاهيو ٿا، ڊيليوري ٽريڪنگ يا نيويگيشن ڪري رهيا آهيو ته پوءِ هي فيچر توهان لاءِ فائديمند هوندو. هي فيچر گوگل ميپس جي ٻين فيچرز يا نوٽيفڪيشنز کان بلڪل مختلف آهي. سبب اهو آهي ته هي لائيو اپ ڊيٽ مسلسل اسڪرين تي نظر ايندي ۽ گوگل ميپس مان ٻاهر نڪرڻ تي به ڪم ڪندي رهندي. يعني لاڪ اسڪرين تي به توهان هي نيويگيشن نوٽيفڪيشن ڏسي سگهندا. ان سان توهان هڪ نظر ۾ ڏسي سگهندا ته سفر ۾ ڪيترو وقت باقي آهي يا ڪو ٻيو ٽاسڪ ڪيئن هلي رهيو آهي. هن فيچر بابت گوگل طرفان ڪافي وقت کان اشارو ڏنو پئي ويو، پر هاڻي وڃي ان کي متعارف ڪرايو ويو آهي. في الحال هي فيچر اينڊرائيڊ 16 جي بيٽا (beta) ورزن ۾ ڏنو ويو آهي. اينڊرائيڊ اٿارٽي جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هن فيچر سان صارف کي منزل ڳولڻ ۾ تمام گهڻي مدد ملندي. جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي، هي فيچر اڃا بيٽا ورزن ۾ موجود آهي، تنهنڪري اهو سڀني صارفين لاءِ ڪڏهن دستياب ٿيندو، اهو اڃا چوڻ ڏکيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو