گوگل جو پاڪستان ۾’اي آءِ پلس پلان‘ شروع ڪرڻ جو اعلان

گوگل جو پاڪستان ۾’اي آءِ پلس پلان‘ شروع ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)گوگل اربع تي پاڪستان سميت 40 کان وڌيڪ ملڪن ۾ پنهنجو ’گوگل اَي آءِ پلس پلان‘ جي شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن پلان جي شروعات هڪ مهينو اڳ ۾ انڊونيشيا مان شروع ڪيو ويو هو. گوگل مطابق، نئون پلان “ماڻهن جي پيداواري صلاحيت ۽ تخليقيت کي وڌائڻ لاءِ سستي قيمت تي طاقتور اي آءِ ٽولز تائين وڌيڪ رسائي” مهيا ڪري ٿو. گوگل پاڪستان جي ملڪي ڊائريڪٽر فرحان قريشي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته: “پاڪستان جو ڊجيٽل منظرنامو توانو ۽ ترقي ڪندڙ آهي، ۽ اسان پاڪستاني عوام جي اي آِ ٽولز کي متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.” هن وڌيڪ چيو ته : “گوگل اي آءِ پلس جي شروعات سان، اسان ملڪ ۾ وڌيڪ ماڻهن لاءِ اهي ٽولز آساني سان استعمال کي يقيني بڻائينداسين. پاڪستان جي ڊجيٽل تبديلي کي توانائي بخشڻ لاءِ اها اسان جي ڪيل واعدي جو مرڪزي حصو آهي، جتان هر ڪنهن کي اي آءِ سان پيداواري صلاحيت، تخليقيت ۽ سکيا وڌائڻ جو موقعو ملندو.”
پلان ۾ هي خاصيتون شامل آهن:
جيمنائي ايپ ۾ تصوير ٺاهڻ ۽ ايڊٽ ڪري سنواري سگهبو (نينو بنانا). پيچيده معلومات گوگل جي سڀ کان ڪارائتي ماڊل جيمنائي 2.5 پرو تي رسائي سان حاصل ٿيندي. جيمنائي، وسڪ ۽ فلو ۾ گوگل جي ويڊيو ٺاهڻ واري ماڊل ’وي اي او 3 ‘ فاسٽ تي رسائي ملندي. جي ميل، ڪاڪس، شيٽس ۽ ٻين ۾جيمنائي کي ضم ڪري سگهبو. فوٽوز، ڊرائي ۽ جي ميل ۾ 200 GB اسٽوريج ملندي. بيان موجب “ورڪ اسپيس ۾ جيمنائي کان وٺي 200 GB اسٽوريج تائين، استعمال ڪندڙ اهي سڀ فائدا سبسڪرائيبر جا 5 ڀاتي استعمال ڪري سگهندا. گوگل مطابق، اهو “هڪ ئي پلان سان هرڪنهن لاءِ گوگل تجربي کي بهتر بڻائڻ جو آسان طريقو” آهي. بيان موجب: “گوگل اي آءِ پلس اڄ کان پاڪستان ۾1,400 رپيا ماهوار قيمت تي دستياب آهي. محدود وقت لاءِ پهريون ڀيرو سبسڪرپشن وٺندڙن کي پهرين ڇهن مهينن لاءِ 50 سيڪڙو رعايت ملندي.”

پهنجو تبصرو موڪليو