جوهي(ن سنڌيار) عيد جي موقعي تي گورک ويندڙ موٽر سائيڪل سوارن سان حادثو پيش آيو نتيجي ۾ ڦلجي واسي نوجوان فرحان پٽ اصغر ڏاوڇ فوت ٿي ويو آھي ٻه ڄڻا معمولي زخمي ٿيا آھن ذريعن موجب موٽر سائيڪل جي بريڪ فيل ٿيڻ سبب کاهي ۾ ڪري پئي جنهن سبب نوجوان جبل جي پهاڙن کان کاهي ۾ ڪري فوت ٿيو آھي گورک انتظاميا کي اطلاع ڏيڻ باوجود به پنجن ڪلاڪن تائين لاش واقعي واري هنڌ پيل هو پنجن ڪلاڪن بعد پوليس واقعي واري جاء تي پهچي لاش کڻي واهي پانڌي اسپتال پهچايو.










