لاهور(ويب ڊيسڪ)گورنر پنجاب بليغ الرحمان اليڪشن ڪميشن ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر کي خط لکي ڇڏيو.گورنر پي ٽي آءِ جي اڳوڻي پارلياماني ليڊر عثمان بوزدار کي به خط لکيو آهي.گورنر پنجاب چونڊن جي ڪا به تاريخ ناهي ٻڌائي.خط ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ جي موجوده سيڪيورٽي ۽ معاشي صورتحال کي سامهون رکيو وڃي، اليڪشن ڪميشن موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت ڪري. گورنر پنجاب جي خط ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن شفاف ۽ منصفاڻي طريقي سان صورتحال جو جائزو وٺي اڳتي وڌي.










