ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ڪراچي ۾ قلات بس حملي ۾ مارجي ويل قوالن جي خاندانن سان تعزيت ڪئي آهي.هن واقعي تي سنڌ جي گورنر چيو ته رضا شهيد جي هڪ 6 مهينن جي ڌيءَ آهي، احمد شهيد جون 4 ڌيئرون آهن.هن چيو ته اسان جي بيگناهه شهرين کي نشانو بڻايو ويو، اسان ان جو بدلو وٺنداسين، اسان هندستان کي مٽي ڪري ڇڏيو آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر مٽي ڪري ڇڏينداسين. سنڌ جي گورنر چيو ته اهو ممڪن ناهي ته فتنہ الھندوستان اسان جي ماڻهن کي ماري ۽ اسان خاموش رهون، فتنہ الھندوستان نريندر مودي جو خوفناڪ چهرو آهي.ڪامران ٽيسوري چوي ٿو ته جيڪڏهن اهي ڪارروايون بند نه ڪيون ويون ته اسان انهن جي پناهگاهن ۾ داخل ٿي انهن کي ماري ڇڏينداسين.










