گهوٽڪي(ن سنڌيار) شديد برساتون، ضلعي گهوٽڪي ۾ 23 کان 27 آگسٽ تائين سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارا بند رهندا، نوٽيفڪيشن جاري. تفصيل موجب مسلسل جاري رهندڙ شديد برساتن ۽ موسميات کاتي پاران جاري ڪيل رپورٽ جي پيش نظر ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ضلعي گهوٽڪي جي سمورن سرڪاري توڙي نجي تعليمي ادارن جي 23 آگسٽ اڱاري کان 27 آگسٽ ڇنڇر تائين موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.










