گهوٽڪي (رپورٽر) سرڪٽ هائوس گهوٽڪي ۾ رينجرز اهلڪارن تي حملو، 2 اهلڪار شهيد، 5 زخمي ٿي پيا. شهيد ۽ زخمي اهلڪارن کي فوري طور سول اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيو ويو حملي کانپوءِ سيڪيورٽي ادارن علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو زخمين ۽ شهيد اهلڪارن کي سول اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيو ويو آهي پوليس واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي، گھوٽڪي ۾ سرڪٽ ھائوس اندر ايمرجنسي واري .صورتحال ، فائرنگ ، قانون لاڳوڪندڙ ادارا سرڪٽ ھاؤس ايريگيشن ڪالوني کي ڪڙو چاڙھي ڇڏيو ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪوارٽر گهاٽ تي ڊيوٽي ڪندڙ هڪ اهلڪار جيڪو نفسياتي مريض ٻڌايو ٿو وڃي، تنهن پنهنجي ساٿين تي گوليون هلائي ڇڏيون، جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.










