گهوٽڪي ۽ سکر جي مختلف علائقن ۾ ماڪڙ جا ولر پههچي ويا

خانپورمهر(آفتاب سيال) گهوٽڪي ضلعي جي تعلقي خانپور مھر ۽ ڀرپاسي واري علائقن ۾ تازو پيل برساتن کانپوء ماڪڙ جا ڪٽڪ پکڙجي ويا آهن. ووئنڻن سميت مختلف فصلن کي کائي ناس ڪري ڇڏيو آھي.

خيرپور، سکر، ٿرپارڪر جي مختلف علائقن بعد  گهوٽڪي جي ٿر واري علائقي جي ڳوٺن محمد صالح مھر ساکاڻي، جوڙو پٽ، ڀرٽ پٽ، سردارڳڙھ،.ڳوٺ علي شير مھر، عبدالله مھر، ننھنڊي، ٻيرپٽ  ۽ ٻين علائقن ۾  ماڪڙ جا ولر پھچي ويا آھن جن سوين ايڪڙن تي پوکيل فصل گاهه وڻ ٽڻ کائي ناس ڪري ڇڏيا آهن. هوڏانهن ٺڪراٺو مان نمائندي موجب مبارڪپور ۽ ڀرپاسي پڻ ماڪڙ جا وڏا ڪٽڪ پهچي ويا آهن. زراعت کاتي جي عملدارن کي اطلاع ڏنو ويو پر ڪو به لڙي نه آيو.   

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو