ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا جي اجلاس کي رٿابندي ۽ ترقيات واري چيئرمين حسن نقوي مختلف ادارن جي ترقياتي رٿائن بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هلندڙ سال 603 اسڪيمون مڪمل ٿي وينديون.جيڪي يونيورسٽي بورڊز، اسپورٽس، نوجوانن جي معاملن ۽ پبلڪ هيلٿ بابت آهن. هلندڙ سال 1647 اسڪيمن لاءِ 60 ارب 89 ڪروڙ جاري ٿيا جنهن مان 28 ارب 54 ڪروڙ کان مٿر رقم خرچ ڪئي وئي آهي. وڏي وزير واسطيدار وزيرن کي هدايت ڪئي ته هو ترقياتي ڪمن جي نگراني ڪن جيئن وقت تي اسڪيمون مڪمل ٿين. ورڪس ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري عمران عطا سومرو ميرپور خاص ٻٽي روڊ واري رٿا، سر آغا خان جهرڪ کان ملا ڪاتيار پل، ڪراچي کان ٺٽو ٻٽو روڊ، گهوٽڪي ڪنڌڪوٽ پل ۽ ايم نائن جا سروس روڊ جيڪي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ هيٺ هلن پيا انهن بابت بريف ڪيو.ڪابينا سيد ناصر شاهه، امتياز شيخ، قاسم نويد ۽ مرتضيٰ وهاب تي مشتمل سب ڪميٽي جي منظوري ڏيندي چيو ته هو پي پي پي موڊ هيٺ نون منصوبن جو جائزو وٺي ڪابينا کي رپورٽ پيش ڪندي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته گهوٽڪي ڪنڌڪوٽ پل جي منصوبو 14 ارب روپين جو آهي، 2 ڪلوميٽر چار لين روڊ واري پل جي گهوٽڪي واري پاسي ايپروچ روڊ 12.8 ڪلوميٽر آهي، جڏهن ته ڪنڌ ڪوٽ واري پاسي 15.2 ڪلوميٽر روڊ آهي. هي منصوبو جولاءِ 2023 ۾ مڪمل ٿيندو.
لانگ مارچ ٽوڙ ڦوڙ ڪيس، عمران خان ٻن ڪيسن مان بري
نواز شريف جا ٻئي پٽ نيب جي ٽن ڪيسن مان بري
توشه خانه ڪيس، نواز، زرداري، گيلاني بابت نيب کان رپورٽ طلب
ڪرمپور لاڙي وٽ ٿريشر جا 2ڪاريگر دڪان تان مبينا اغوا
شڪارپور ۾ سوئي گئس جو چوڪيدار ساٿي سميت اغوا
سرحد ويجهو 25 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل پورهيت بازياب
وفد ۾ اتفاق نه ٿيو،مشن جي قيام ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ
تازي طوفاني برساتن بابت تفصيلي رپورٽ جلد پيش ڪرڻ جي هدايت
ٽيڪنوڪريٽ سيٽ لاءِ اسحاق ڊار جا نامزدگي ڪاغذ منظور
پرويز الاهي جيل جي واش روم ۾ ڪري پيو،هڏي ڀڄي پئي: جيل رپورٽ
بجلي 5 روپيه في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان
پوليس مراد سعيد ۽ پرويز الاهي جا گرفتاري وارنٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب
لاهور ۾ پاڪستان جو پهريون آءِ ٽي سٽي ٺاهي رهيا آهيون:مريم نواز
سني اتحاد ڪائونسل پاران احمد خان مخالف ڌر جو اڳواڻ نامزد
ايڪسچينج ۾ مثبت رجحان، انڊيڪس 664 پوائنٽن جو اضافو
صدر ۽ وزيراعظم نيب جا گريجوئيٽ آهن: شاهد خاقان عباسي
چاغي سميت پاڪ ايران سرحدي علائقن ۾ زلزلو، شدت 5.4 رڪارڊ
ايل اين جي ريفرنس تي ٻڌڻي بنا ڪاروائي جي ملتوي
ڪينيڊين پارليمنٽ ۾ فلسطين جي ھڪ ۾ ٺھراءُ منظور
اڏام دوران موت کي ويجھو کان ڏٺو: سميع خان