نوشهروفيروز(مشتاق حسين مري) ڳوٺ اسماعيل ٻرڙو جا رهواسي ٻرڙا برادري جي ماڻهن پاران گهر ۽ گهٽيءَ تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي حاجي عالم ٻرڙو، محمد خان، عبدالستار، شوڪت ٻرڙو ۽ ٻيا ڪري رهيا هيا. ان موقعي تي ڳوٺاڻن ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته بااثر قاسم ڏاهري، محمد ڏاهري ۽ جرار ڏاهري وارن اسان جي گهر ۽ گهٽي تي قبضو ڪري ورتو آهي جيڪا اسان سان ناانصافي آهي هنن چيو ته اسان جو لوڙهو پٽرائي اسان جي گهر ۽ گهٽي جي 15 ويسا زمين پنهنجي زمين ۾ آڻي ڇڏي جنهن سبب اسان جو گهر ۽ گهٽي سوڙهي ٿي وئي آهي جيڪا وڏي زيادتي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته زمين جي ماپ ڪرائي اسان کي پنهنجو حق ڏياريو وڃي.










