رتو ديرو ايڊز وائرس سبب ٻارڙي فوت، وزير صحت جودورو

رتوديرو(فدا حسين لاشاري) ايڇ آءِ وي پازيٽو ۽ ايڊز سبب هڪ وڌيڪ ٻارڙي فوت ٿي وئي، جنهن بعد گذريل چئن مهينن ۾ هڪ عورت سميت ان بيماري سبب مرندڙن جو انگ 26 ٿي ويو آهي. حڪومتي اپائن ۽ اعلانن سبب موذي مرض تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي. يارهن مهينن جي معصوم ٻارڙي لال زهره ڌيءَ ذاڪر حسين گهانگهرو ايڊز وگهي فوت ٿي وئي، صحت کاتي ۽ ايڊز پروگرام انتظاميه جي ڪن لاٽار، هزراين جانيون خطرناڪ وائرس ۾ مبتلا آهن. ايڊز وائرس ۾ مبتلا ٻارن جا والدين مناسب علاج نه ملڻ ڪري سراپا احتجاج بڻيل آھن، صحت کاتو ۽ سنڌ ايڊز پروگرام انتظاميه ڪو تحرڪ وٺي متاثرن کي علاج فراهم ڪرڻ بدران معاملي کي دٻائڻ جي ڪوشش ۾ پورا آھن. ياد رهي ته رتوديرو تعلقي ۾ هن مهل تائين لڳ ڀڳ 38 کان 40 هزار ماڻهن جي ايڇ آء وي بلڊ اسڪريننگ ٿي جنهن ۾ هڪ هزار کان مٿي متاثر ظاهر ٿيا آھن، جڏهن ته ايڇ آء وي متاثرن جو انگ وڌڻ جو خدشو آھي. هوڏانهن صحت جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو رتوديرو اسپتال ۽ ليبارٽري جو دورو پڻ ڪيو. ان موقعي تي هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي رت جي اسڪريننگ نٿا ڪرائي سگهون ماڻهو اسپتال اچي رت جي چڪاس پاڻ ڪرائن.

هن چيو ته ايڇ آء وي جون دوائون ميسر آھن، جيڪي دانهون ٿا ڪن ته کين دوائون نٿيون ملن، انهن جون رپورٽس نيگيٽو آھن. هن ٻڌايو ته رتو ديرو ۾ ايڇ آء وي ايڊز سينٽر باقائده قائم ٿي رهيو آھي متاثرن مريضن جو مڪمل علاج هتي ڪيو ويندو. هن تعلقه اسپتال ۾ رت جي چڪاس واري ڪئمپ ۽ ايڇ آء وي ايڊز سينٽر جو دورو ڪيو ۽ ٻارڙن جي وارڊ جو افتتاح به ڪيو ۽ ڊاڪٽرن کان تفصيل ورتا. هن وڌيڪ چيو ته ايڇ آء وي تي ضابطو آڻڻ جون ڪوششون جاري آھن ۽ ايڇ آء وي اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن جي تربيت ڪريون پيا، اهي ڊاڪٽر رکنداسين جيڪي انويسٽيگيشن کان وٺي ليبارٽري ٽيسٽون ۽ دوائون تجويز ڪرڻ ۾ مهارت رکندا هوندا. تعلقي ۾ ايڊز کان بچاءُ ۽ اپائن بابت آگاهي مهم نه هلائڻ واري سوال جي جواب ۾ عذرا پيچوهو چيو ته ليڊي هليٿ ورڪر آگاهي مهم هلائي رهيا آھن، ايل ايڇ ويز گهرگهر وڃي ماڻهن کي ڄاڻ ڏئي رهيون آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو