مٽياري ( رياض چانڊيو) سيکاٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ مينهون ماڇي ۾ نامعلوم هٿياربندن پنهنجي گهر جي ٻاهران ستل نوجوان 30 سالا مصري عرف ميهار ماڇي ولد گل ماڇي کي پراسرار نموني سندس ئي پاسي ۾ رکيل پنهنجي ئي بندوق سان قتل ڪري فرار ٿي ويا. مقتول جي ڀاءُ جو چوڻ هو ته سندس ڀاءُ گهر جي دروازي ٻاهران ستل هو ۽ سندس بندوق پاسي ۾ پيل هئي اسان گهر اندر ستل هئاسين ته اچانڪ فائر جو آواز آيو ته اسان ٻاهر نڪتاسين ته جوابدار ڀاءَ کي ماري سندس بندوق کڻي فرار ٿي چڪا هئا. هن چيو ته اسان مسڪين ماڻهو آهيون اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي خبر ناهي ڪنهن اسان سان ايڏو وڏو ظلم ڪيو آهي. هوڏانهن سيکاٽ ٿاڻي جي پوليس نوجوان جي لاش کي مٽياري تعلقي اسپتال پهچايو جتي مقتول نوجوان جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو. آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.










