8 ٻارڙن کي ڇتي ڪتي ڏاڙهي وڌو ويڪسين اڻلڀ

8 ٻارڙن کي ڇتي ڪتي ڏاڙهي وڌو ويڪسين اڻلڀ

مبارڪپور (ن سنڌيار) مبارڪپور ڀرسان هڪ ئي گهر جي 8 ٻارڙن کي ڇتي ڪتي ڏاڙهي وڌو، مقامي اسپتال ۾ وئڪسين نه هجڻ سبب جيڪب آباد منتقل.مبارڪپور ڀرسان ڳوٺ ڦلاڻي بنگلاڻي جي اميد علي بنگلاڻي جي هڪ ئي گهر جي 8 معصوم ٻارڙن ۽ چوپائي مال کي ڇتي ڪتي ڏاڙهي وڌو، ڪتي کاڌل زخمي ٻارڙن جنسار، ديدار، اعجاز ڪلثوم، سميرا، نصرت ۽ ٻين کي  اسپتال آندو ويو، جتي ٻارڙن کي ڪتي چڪ پائڻ جي وئڪسين نه هئڻ سبب ٻارڙن جي ملم پٽي ڪرڻ بعد  ليٽر ٺاهي جيڪب آباد منتقل ڪيو ويو هوڏانهن مبارڪپور بي ايڇ يو جي ڊاڪٽر صفي الله ڀٽو صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان جي سينٽر تي وئڪسين جي سهولت ناهي هوندي، اسان مريضن کي ليٽر ٺاهي پنهنجي پي پي ايڇ آئي جي هيڊ آفيس ۾ وئڪسين جي لاءِ موڪليندا آهيون، اتي هر وقت وئڪسين موجود هوندي آهي.هوڏانهن  معصوم ٻارڙن جي والدين مقامي اسپتال ۾ وئڪسين نه ملڻ خلاف احتجاج ڪندي چيو ته اسان وٽ رولو ڪتن جو آزار روزانو وڌندو پيو وڃي پر اسانجي انتظاميا خبر ناهي ته ڪٿي گم آھي، ڪو به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ئي ڪونهي. اسان ڊي سي جيڪب آباد کان مطالبو ڪيون ٿا ته مقامي اسپتال ۾ وئڪسين جي سهولت مهيا ڪري ڏني وڃي ۽ انهن مطالبو ڪندي چيو ته ڪتا مار مهم هلائي روز جي واقعن کان اسان علائقي واسين کي بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو