نوشھرو فيروز (ن سنڌيار)مورو شھر جي درس روڊ تي کوسا برادري جي گھر تي پوليس پاران چڙھائي ڪرڻ واري عمل خلاف کوسا برادريءَ سان گڏ جسقم، قومي عوامي تحريڪ طرفان مورو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنھن جي اڳواڻي بشير احمد کوسو، خادم حسين کوسو، شڪيل احمد کوسو، سبحان حسين کوسو، امين ڪلھوڙو، قربان ڇڄڙو، سرمد سنڌي ڏيپر، ذوالفقار علي کوسو، ھدايت سومرو، اسدالله، نزاڪت علي ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا جتي ھنن جو چوڻ ھو تہ ٻہ ڏينھن اڳ ٻارڙن جي معمولي ڳالھ تان درس روڊ تي کوسا ۽ لانگاھ برادري جي ٻن گروپن ۾ جھيڙو ٿيو جنھن تي مورو پوليس بنا ڪنھن وارنٽ جي رات جي اونداھي ۾ سول ڊريس پھريل ماڻھن سان کوسا برادري جي گھرن تي چڙھائي ڪري چادر چوديواريءَ جو تقدس پائمال ڪيو ۽ گھر ۾ موجود معصوم ٻارڙن عورتن تي تشدد ڪيو ۽ گھر مان نذير احمد کوسو ۽ سجاد کوسو کي کنڀي کڻي ويا جنھن مان سجاد علي کوسو کي نيشنل ھاءِ وي تي زخمي حالت ۾ ڇڏي ويا اسان اھڙي عمل جي سخت لفظن مذمت ڪريون ٿا ۽ ھنن آء جي سنڌ، ڊي آء جي شھيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشهروفيروز سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ مورو پوليس خلاف قانوني ڪارروائي ڪري گرفتاري بعد گم ڪيل نذير احمد کوسو کي آزاد ڪري انصاف سان گڏ تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو.










