گهرو وزير خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو معطل

گهرو وزير خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو معطل

لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، سي سي پي او لاهور ۽ ڊي آءِ جي آپريشنز خلاف داخل ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. سيشن ڪورٽ پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ دوران وڪيلن تي تشدد جي الزام ۾ راڻا ثناءُ الله ۽ پوليس آفيسرن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ڪانسٽيبل محمد اسلم سيشن ڪورٽ جي فيصلي خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته سيشن عدالت واقعي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته سپريم ڪورٽ سيشن ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. لاهور هاءِ ڪورٽ ڪانسٽيبل محمد اسلم جي درخواست تي راڻا ثناءُ الله، سي سي پي او لاهور ۽ ڊي آءِ جي آپريشنز خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو معطل ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو