وارھ (طالب حسين چانڊيو) شهر جي ٽئڪسي اسٽينڊ وٽ جوابدار ڀائٽيي طارق دائوداڻي پنهنجي چاچي ڪار ڊرائيور عبدالفتاح دائوداڻي مٿان ڪهاڙين سان حملو ڪري کيس مرڻينگ ڪري وڌو. زخمي کي وارھ سول اسپتال پهچايو ويو جتان کين لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو پر رستي ۾ ئي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. مقتول جي وارثن موجب چاچي ۽ ڀائٽي وچ ۾ گهرو اڻبڻت تان تڪرار هلندڙ هو، ان تان جوابدار ڪار ڊرائيور عبدالفتاح کي قتل ڪيو آهي. ٻئي پاسي وارھ پوليس جوابدار طارق دائوداڻي کي بروقت گرفتار ڪري ورتو. چاچي کي قتل ڪندڙ جوابدار طارق دائوداڻي ڏوھ جو اعتراف ڪندي چيو ته منهنجي پيءُ منور دائوداڻي هڪ سال اڳ منهنجي ماءُ روشن خاتون کي قتل ڪيو هوشڪ هيو ته منهنجي پيءُ کي چاچي ورغلايو آھي ان ڪري کيس قتل ڪيم.










