ھالاڻي (ن س) پيرسن شاهد حسين گوپانگ صحافين اڳيان احتجاج ڪرڻ بعد ڳالهائيندي چيو ته مان 2015 ۾ مسمات فرقدان چنڙ جيڪا ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ سومر چنڙ جي رھواسڻ سان شادي ڪئي ھئي جيڪا ھن وقت مائٽن جي چوڻ تي مون کان طلاق وٺڻ چاھي ٿي ۽ مون کي موتمار ڌمڪيون ڏئي بليڪ ميل ڪري منھنجي پاليل مينھن ۽ گھر جي سامان کي وڪرو ڪرڻ چاھي ٿي. منع ڪرڻ تي اڄ سندس مائٽن ڪنڊيارو مان اچي مون کي پنھنجي گھر مان زبردستي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو آھي ۽ مون مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ ۽ اغوا ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن. هن چيو ته مون پنھنجي جان مال جي تحفظ لاءِ ڪورٽ سڳوري ۾ درخواست پڻ ڏني آھي. ھن ايس ايس پي نوشھرو فيروز، ڊي ايس پي محرابپور، ايس ايڇ او ھالاڻي کان تحفظ جي گھر ڪندي گهرواري ۽ سندن مائٽن خلاف قدم کڻڻ جي گهر ڪئي آهي.










