ٽنڊو محمد خان (ن سنڌيار)شيخ ڀرڪيو جي شاخ کي مختلف هنڌن کان گهارا پوڻ ڪري يوسي ماڻڪ لغاري يوسي الهڏنو سريوال جي مختلف ڳوٺن جي سوين ڳوٺاڻن پاران شيخ ڀرڪيو شاخ جي پوڇڙي ۾ مختلف هنڌن تي پيل گهارا نه ٻڌڻ ۽ شاخ جو پاڻي بند نه ٿيڻ خلاف ٽنڊو محمد خان سب ڊويزن جي ايس ڊي او خلاف شيخ ڀرڪيو ٽنڊو محمد خان مين روڊ تي شاخ جي 16 ارڊي وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي مظاهرين ابير احمد سريوال زاهد احمد سريوال تيمور خان سريوال عقيل احمد سريوال ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته هڪ هفتي کان شاخ کي مختلف هنڌن تان گهارا بند نه ٿيڻ ڪري ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ۽ هزارين ايڪڙ فصل به پاڻي بيهڻ ڪري تباه ٿي ويا آهن مظاهرين چيو ته ڳوٺ بچل ماڇي ڳوٺ ماڻڪ لغاري گلاب لغاري ڳوٺ سارنگ لغاري ڳوٺ حاجي الهڏنو سريوال گلڻ ماڇي سميت ٻين ڳوٺن کي به ٻڏڻ جو خطرو وڌي ويو آھي ان موقعي تي ايس ڊي او ايريگيشن اسلم راجپوت مظاهرين وٽ پهچي شاخ جو پاڻي گهٽائڻ ۽ لڳل گهارا ٻڌائڻ جي يقين ڌياني ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو










