اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور 8 ڪلاڪ غائب رهڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ بيان جاري ڪري ڇڏيو.تحريڪ انصاف طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته علي امين گنڊاپور اسلام آباد ۾ حڪومتي عملدارن سان ڊگهي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ صوبي جي امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.پي ٽي آءِ موجب جلسي واري جاءِ تي جيمر لڳڻ سبب موبائل سروس معطل ڪئي وئي.










