ٺل(عبدالنبي شيخ) ٺل شهر جي صفائي نه ٿيڻ خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف ٺل جي اڳواڻن گوهر دشتي،روحيد کوسو،ظهير نوناري،غلام حيدر ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ،ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ٺل شهرکي بدبوءِ دار ڪرڻ ۽ گندگي جا ڍير ڪرڻ ۾ ميونسپل جو چئيرمين زميوار آهي هنن چيو ته شهر جي هر هڪ گهٽي هر هڪ چوڪ ۽ محلي ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن انتهائي افسوس آهي جو ميونسپل چئيرمين شهر جي صفائي ڪرائڻ ۾ دلچسپي نٿو رکي ۽ هاڻي اسان جو مطالبو آ ته ميونسپل چئيرمين هٽايو ٺل شهر بچايو۔










