بدين(ن سنڌيار) پاڻي ناھي ڇو ڀلا, ڪربلا ڪربلا”, گنج بھر شاخ جي آبادگارن جا اڀ ڏاريندڙ نعرا- ڪڍڻ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ۽ ڌرڻو- ڪڍڻ بدين وايا علي بندر روڊ بند- اسان وٽ ميت کي غسل ڏيڻ جيترو به پاڻي ناھي- وضو جي بدران تيمم ڪريون ٿا- وڻ سڪي ويا- ڍور ڍڳا مري ويا- ڪنھن به چونڊيل عوامي نمائندي سار نه لڌي- پاڻي ڏيئي حياتيون بچايون وڃن- متاثرين جون دانھون- خبر موجب سنڌ جي تاريخي ماڳ شيخاڻي گھاڙي يوسي ٻھڊمي جي آبادگارن فقير غلام شبير لنڊ, نظر لنڊ, سراج مھراڻپوٽو, مصري منڌرو, قاسم دل, صالح منڌرو ۽ ٻين ڪڍڻ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي بدين علي بندر روڊ بند ڪري سخت نعريبازي ڪندي چيو ته اڪرم واه جي قاضيا سب ڊويزن جي گنج بھر شاخ جي ٽيلن ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان وٺي پاڻي نه پھچڻ سبب آباديون ۽ فصل ته تباھ ٿي ويا پر اسان وٽ پيئڻ جو پاڻي به ناھي, جر جو پاڻي بدبودار ۽ زھريلو ٿي ويو آھي جيڪو واپرائڻ سبب چمڙي, کنگھ, سلھ ۽ اکين جون بيماريون ٿي پيون آھن, جھنگلي جيوت, پکي پکڻ ۽ مال مويشي وڏي انگ ۾ مري رھيا آھن, مسجدن ۾ وضو جي بدران اسان تيمم ڪري نماز ادا ڪريون ٿا ۽ ميت کي غسل ڏيڻ جي لاء به اسان کي ٽي چار ميل پنڌ ڪري اڌارو پاڻي وٺڻو پوي ٿو, ھنن چيو ته کارو ۽ بدبودار پاڻي واپرائڻ سبب جيڪي ٻار اسپتالن ڀيڙا ٿين ٿا انھن کي ڊڪٽر چون ٿا ته توھان زھر پيتو آھي, ھنن افسوس ڪندي چيو ته شيخاڻي گھاڙي, روپاماڙي ۽ ڀڙ جي ڍوري سميت اسان جي تاريخي خطي کي ھتان جي چونڊيل عوامي نمائندن بلڪل وساري ڇڏيو آھي ۽ اسين زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا آھيون, ھنن چيو ته پاڻي نه ھئڻ سبب اسان گذريل ٽن سالن کان ڇھ وڏيون عيدون به روئندي گذاريون آھن, ھنن انساني حقن جي ڪميشن, جوڊيشل ادارن, ۽ ملڪ جي عدالت عظمي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته اسان کي قانوني, اخلاقي ۽ شرعي لحاظ کان پنھنجي حصي جو پاڻي پھچائي اسان جون زندگيون بچايون وڃن










