اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم شهباز شريف آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، وزيراعظم کي آرمي ايوي ايشن جي گم ٿيل هيلي ڪاپٽر بابت ڄاڻ ملي.آرمي چيف وزيراعظم کي گذريل رات کان جاري سرچ آپريشن بابت آگاهه ڪيو.شهباز شريف ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي سميت 6 پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جي سيڪيورٽي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي بهترين پروفيشنل ۽ تمام سٺو انسان آهي، دعا آهي ته هيلي ڪاپٽر ۾ سوار سمورا ماڻهو محفوظ هجن.شهباز شريف قوم کي اپيل ڪئي آهي ته هو ملڪ جي انهن بهادر پٽن جي بحفاظت واپسي لاءِ دعا ڪن.هن چيو ته ان حادثي تي پوري قوم کي تمام گهڻو ڏک آهي، ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪندڙ هي فرض شناس فرزند خدمت جو عظيم مثال بڻجي اڳيان آيا آهن.وزيراعظم چيو ته اسان جي ڀائرن، ڀينرن ۽ ٻارن جي خدمت ڪرڻ جو اهو عظيم جذبو آهي جيڪو پاڪستان جي اصل طاقت آهي.










