گم ٿيل نوجوان اغوا، 5 لک ڀنگ طلب، وارثن جي مدد لاءِ اپيل

جروار (محمد بخش گبول ) مغوي جي وارثن کي ڌاڙيلن فون ڪري 50 لک ڀنگ طلب ڪيو آهي نه ڏيڻ جي صورت ۾ مغوي کق قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي.  ڳوٺ ڪمال مشوري جو رهواسي نوجوان ظھور احمد پٽ نوراحمد گهوٽڪي مان اغوا ٿي ويو  هو، اغوا ٿيل جا وارث نوراحمد مشوري ۽ثناء الله مشوري جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي ٻڌايو ته اغوا ٿيل ظھور احمد ٻه ڏينهن اڳ گهران اهو چئي ويو ته مان گهوٽڪي دوا وٺڻ وڃان ٿو ,جنهن بعد هن جو ٻن ڏينهن کان مسلسل نمبر بند هو . اسان اهو سمجهو ته درگاه مشوري شريف لاڙڪاڻو ويو ھوندو، ان ڪري نمبر بند اٿس ڇو ته هر مهيني درگاه مشوري شريف ويندو هو ۽ اتي وڃڻ کان پوء نمبر بند ڪري ڇڏيندو هو. رات دير سان اغوا ٿيل ظهور احمد پنهنجي نمبر تان ڪال ڪئي ۽چيائين ته مون کي ڌاڙيل گهوٽڪي مان اغوا ڪري ويا آھن هن وقت مان ڌاڙيلن جي قيد ۾ آھيان ، هو مون مٿان تشدد ڪن ٿا ته 50 لک ڀنگ گهرائي نه ته توکي ماري ڇڏينداسين، انهي ٿوري ڳالهھ ٻولهھ کان پوء نمبر بند ٿي ويو . هنن وڌيڪ چيو ته اسان بعد ۾ گهوٽڪي ٿاڻي تي اطلاع ڏنو ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کي به ميسيج ڪيا ته اسان جو نوجوان اغوا ٿي ويو آھي ان جي بازيابي لاء مدد ڪيو . هنن سنڌحڪومت ۽ چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي ته اغوا ٿيل ظھور احمد مشوري جي بازيابي لاء مدد ڪئي وڃي ,اسان غريب هاري آھيون ڀنگ نٿا ڀري سگهون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو