گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ قدم تيز ڪرڻ جو حڪم

گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ قدم تيز ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ قدم تيز ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ پوليس گم ٿيلن جي بازيابي لاءِ مهلت طلب ڪري ورتي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، مختلف وفاقي ادارن کي خط لکيا ويا آهن، جواب جو انتظار آهي.عدالت پوليس کي گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ قدم تيز ڪرڻ جو حڪم ڏيندي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ 6 هفتن جو وقت ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو