ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 10 گم ٿيلن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ اهم اڳڀرائي نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.عدالت اجمير نگري ٿاڻي جي جاچ آفيسر کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي ايس ايس پي سينٽرل کان گم ٿيل شهري بلال بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي.عدالت پوليس، رينجرز ۽ ٻين کي هدايت ڪئي ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ قدم تيز ڪيا وڃن.عدالت عالم، سديس، شير محمد ۽ قيوم خان جي بازيابي بابت رپورٽ طلب ڪندي چيو ته شهرين بابر، اياز، بلال ۽ عطاءُ الله کي بازياب ڪرايو وڃي.عدالت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان 6 هفتن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي.هوڏانهن پوليس بازياب ٿيل شهرين جي بازيابي بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، جڏهن ته عدالت ٻن گم ٿيل شهرين جي وطن واپسي جي درخواست اڪلائي ڇڏي.










