ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاء ڪورٽ 5 سالن کان گم شهري جي بازيابي بابت درخواست تي ڊي آءِ جي کي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر ايس پي شعيب پيش نه ٿيو، سندس جاءِ تي ڊي ايس پي پيش ٿيو، ٻڌڻي دوران شهري جي گهر واري روئڻ شروع ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ هو ته پٺاڻ زهراڻي اسٽيل ٽائون مان 5 سالن کان گم آهي، هن وقت تائين ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي وئي، 5 سالن کان عدالتن ۽ پوليس اسٽيشنن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون پر انصاف نه پيو ملي، سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن مڙس جيئرو آهي ته ان کي سامهون آندو وڃي ۽ پيش ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن مري ويو آهي ته ٻڌايو ته وڃي، گم شهري جي گهر واري ٻڌايو ته جي آءِ ٽيز ۾ اسان کي نٿو گهرايو وڃي، ابتو اسان کي حراسان ڪيو پيو وڃي، منهنجي پٽ کي به اغوا ڪيو ويو هو، ٽن مهينن بعد ڇڏيو ويو هو، ان خلاف درخواست داخل ڪئي آهي، ايس پي شعيب منهنجي پٽ کان پنهنجي مرضي موجب بيان رڪارڊ ڪرائڻ چاهي ٿو، عدالت جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇاڻو ڪيو ته هن وقت تائين ڪهڙي ڪارروائي ڪئي آهي؟ ڊي ايس پي موقف اختيار ڪيو ته 22 جي آءِ ٽيز ٿي چڪيون آهن ۽ مختلف ايجنسين کي خط موڪليا ويا آهن، عدالت ڊي آءِ جي کي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عدالت جي آءِ ٽيز ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس اجلاس منعقد ڪرڻ جي به هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 3 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










